احسن جوکيو

احسن جوکيو: مشهور محقق، عالم، شاعر ۽ استاد احسن جوکيي جو پورو نالو احسان علي احسن جوکيو آهي. هن پهرين جنوري 1936ع ڌاري ڳوٺ يامين جوکيو، ملير ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. نوڪريءَ سانگي پاڻ گهڻو عرصو ٺٽي ۽ گهاري ۾ رهيو.پاڻ سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو، سنڌي ۽ فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. شروع ۾ کيس پٽيوالي جي نوڪري ملي، پر 1955ع ۾ کيس اسسٽنٽ ماستر ڪري ڪاٺوڙ ۾ مقرر ڪيو ويو، ڪاٺوڙ ۾ اچڻ کانپوءِ هُو سنڌي ادبي سنگت جو حصو بڻيو ۽ علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. نوڪريءَ دان هن مئٽرڪ، انٽر، بي.ايڊ ۽ ايم. ايڊ ڪيائين. انهيءَ دوران هو انگريزي سکيو. 1974ع ۾ پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ليڪچرر جي امتحان ۾ به ويٺو، پر کيس هيڊ ماستر جو آرڊر ڏنو ويو، اهڙيءَ طرح پاڻ ڪيترن ئي اسڪولن جو هيڊ ماستر رهيو، سپروائيزر ۽ ايڊيشنل ڊي اي او به رهيو. نيٺ 1996ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين. ان بعد هن پنهنجو سٺو ڌيان لکڻ پڙهڻ تي ڏنو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکي پورا ڪيائين، جن ۾: جانب جو جمال (سفري يادگيريون)، ديوان احسن (سنڌي)، وليون واس ورنيون (تحقيق)، سفر زندگيءَ جو (يادگيريون)، ور ۾ ڪونهي ور، مٿي مارڳ ماڪ، جيءَ ۾ جهوري جن، وري پڇ ويٺن کان، ديوان احسن (فارسي) شامل آهن. سندس ڪيترو ئي مواد اڻڇپيل صورت ۾ پونئيرن وٽ محفوظ آهي. احسن جوکئي 8 جولائي 2018ع تي وفات ڪئي.
حوالو: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي


لفظ احسن جوکيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.01.01  عيسوي

مشهور محقق، عالم، شاعر ۽ استاد احسن جوکيي جو پورو نالو احسان علي احسن جوکيو آهي. هن پهرين جنوري 1936ع ڌاري ڳوٺ يامين جوکيو، ملير ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


2018.07.08  عيسوي

احسن جوکئي 8 جولائي 2018ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درس محمد واصل
سيد علي ثاني
امام نسائي
دين محمد اديب فيروزشاهي
احمد رضا بريلوي
ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي
سيد فيض الله شاهه جيلاني
محمد عظيم شيدا مولوي
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر
عبدالحڪيم، مولوي 2
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون